ڪراچي ۾ اتفاقي گولي لڳڻ سبب 2 اهلڪار زخمي، هڪ فوت

ڪراچي( رپورٽر  ) لانڍي ۾ پوليس بيرڪس ۾ فائرنگ جي  نتيجي ۾ 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪار 30 ورهين جو فهميد  اختر ولد هادي بخش ۽ 35 ورهين جو گل شير ولد قطب احمد سخت زخمي ٿي پيا. زخمي ٽريفڪ پوليس اهلڪار فھميد  اختر علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو. ايس ايڇ او لانڍي شمشاد چاچڙ موجب بيرڪس ۾ فائرنگ جو واقعو اتفاقي طور پيش آيو، پستول چيڪ ڪرڻ دوران پوليس ڪانسٽيبل گل شير کي گوليون لڳيون، جنهن ۾ هو پاڻ به سيني ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ گولي بيرڪس جي پار ڪرڻ سبب ٽريفڪ پوليس ڪانسٽيبل فهيم اختر کٽ تي ويٺو هو ۽ هو زخمي ٿي پيو. ٻنهي اهلڪارن کي پهريان انڊس اسپتال ۽ بعد ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي فهميد اختر علاج دوران فوت ٿي ويو. هن چيو ته ٽي ٽريفڪ پوليس ڪانسٽيبل هڪ ئي بيرڪ ۾ گڏ رهندا آهن، جڏهن بيرڪ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو ته مارجي ويل ٽريفڪ پوليس ڪانسٽيبل جو چاچو به بيرڪ ۾ موجود هو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي ڪورنگي حسن سردار، ايس پي ڪورنگي ٽريفڪ سيڪشن فرح امبرين جناح اسپتال پهتا. ايس ايس پي ڪورنگي زخمي اهلڪار جي عيادت ڪئي ۽ زخمي اهلڪار کي فوري طور خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايس ايڇ او لانڍي کي واقعي جي وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏنو. ايس پي ڪورنگي ٽريفڪ سيڪشن فرح امبرين ٽريفڪ پوليس اهلڪار تي فائرنگ جي واقعي کي اتفاقي قرار ڏيندي چيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪار علي حسن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.