ميرپور ٻرڙو لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل

ميرپورٻرڙو (رپورٽ : اطھر مھر) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمن شاھه ۾ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي  دوران هڪٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي وئي، گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو مدد علي ٻرڙو مارجي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ميرپورٻرڙو پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار هلندڙ هو جنهن تان جهيڙو ٿيو، نيجتي ۾ مدد علي ٻرڙو مارجي ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪيون پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.