ساڪران ويجهو شاهه نوراني کان ڪراچي ايندڙ زائرين جي بس کي باهه لڳي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 17 ورهين جي نينگري فوت ٿيوئي. بس ۾ باهه جو واقعو لنگ لوهار ويجهو پيش آيو. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه مسافر سڙي ويا جڏهن ته ٻين کي بچايو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته باهه ان وقت لڳي جڏهن بس جي انجڻ تيز رفتاري دوران گرم ٿي وئي. ٿوري ئي دير ۾ بس مڪمل طور تي سڙي وئي. پوليس موجب باهه لڳڻ سبب 17 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻارڙن سميت 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا.