اسلام آباد (م ڊ) وفاقي جاچ ادارن چيف جسٽس پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. جاچ ادارن جي رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججز خلاف مهم ۾ سياسي پارٽين سان جڙيل اڪائونٽ ملوث آهن ججن جي گهر وارين جي ايئرپورٽس تي چيڪنگ بابت پراڻي خط کي منصوبه بندي سان استعمال ڪيو ويو. جاچ اداري جي رپورٽ موجب ايوي ايشن ڊويزن جو 12 آڪٽوبر تي خط 60 ڏينهن کان پوءِ سياسي پارٽي سان جڙيل اڪائونٽ تان پوسٽ ٿيو. عمر محمود حيات جي اڪائونٽ مان 16 ڊسمبر رات 11 لڳي 39 منٽن تي ايوي ايشن جو خط پوسٽ ٿيو. اهڙي اڪائونٽ تان پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن تي ججز ۽ عدليه کي به تنقيد جو نشانو بنايو ويو. جاچ موجب ڪجهه سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ به اهڙي سياسي پارٽي جي ٽارگيٽيڊ ايجنڊا کي اڳيان وڌايو. ججز جي ڪردار ڪشي جي مهم ۾ به هڪ سياسي پارٽي سان جڙيل اڪائونٽ حصو ورتو. سياسي پارٽي سان جڙيل اڪائونٽس ڪوڙي پروپيگنڊا کي وائرل ڪيو. سياسي پارٽي جا حامي ايڪٽيوسٽس ۽ وي لاگرز سوشل ميڊيا ٽرينڊ ٺاهيندا رهيا. ٽي وي چينلز جي خبرن جا اسڪرين شارٽس وٺي سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي. جاچ اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 18 ڊسمبر تي وضاحت جاري ڪئي هئي پر ان باوجود به ڪردار ڪشي مهم جاري رهي. عدليه ۽ ججز کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ سياسي پارٽي پهريان به مختلف طريقا استعمال ڪري چڪي آهي آگسٽ 2023 ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي به ڪردار ڪشي ڪئي وئي. ٽرولز سان ججز کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جو طريقو افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. چيف جسٽس ۽ ججز کي نشانو بنائڻ جو مقصد اهم ڪيسن کي متاثر ڪرڻ ٿي سگهي ٿو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي اعليٰ عدليه تي تنقيد ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪردارن کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. .