عدالتي فيصلي باوجود نگرانن جون به ڪارونجهر تي ميريون اکيون ، اڄ وزير جو دورو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)نگران سرڪار به ڪارونجهر ۾ اکيون وجهي ڇڏيون.مائنز کاتي جو وزير اڄ جبل جو دورو ڪري پريس ڪانفرنس ڪندو،  ليڪشن ڪرائڻ آيل نگران سرڪاري سنڌ جي سونهن ڪارونجهر ۾ اکيون اڙائي رکيون آهن،سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جبل کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ واري هدايت نامي جي باوجود اڻ چونڊيل حڪومت اُن جي اُبتڙ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي،سڄي سنڌ جي ڪارونجهر کي بچائڻ واري مطالبي کي به ڪا اهميت نه پئي ڏني وڃي،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب نگران سرڪاري ملڪ جي مختلف يوٽيوبرن کي آڻي پسنديد وڊيوز رڪارڊ ڪرائڻ جو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي،اُنهي سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته منرل ۽ مائينز کاتي جو صوبائي وزير خدابخش اڄ ڪارونجهر جي دوري تي پهچجندو،صوبائي وزير ڪارونجهر جي دوري بعد ننگرپارڪر جي روپلو ڪولهي گيسٽ هائوس ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس پُڻ ڪندو،هوڏانهن ٻي طرف ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن چاچا الهرکيو کوسو ۽ ٻين طرفان صوبائي وزير آڏو ڪارونجهر جو ڪيس مضبوطي سان رکڻ جو اعلان ڪيو آهي،ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نگران سرڪار جون نيتون ٺيڪ ناهن،اسان هنن کي ڪارونجهر کپڻ جي هرگز اجازت نه ڏينداسين،اسان ننگرپارڪر جي رهواسين کي چئون ٿا ته اُهو تيار رهن ۽ صوبائي وزير آڏو ڪارونجهر جو ڪيس مضبوطي سان رکن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.