حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن دانشورن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن چيو آھي تھ ھتي انتھاپسندي جا ڪارخانھ ھلي رھيا آھن، رياست انھن ڪارخانن کي ختم نٿي ڪرڻ چاھي، عدم برداشت، عدم رواداري ۽ انتھاپسندي کي وڌائڻ جي لاءِ پروگريسو ماڻھن کي ڪچليو ويو، خودڪش بمبار 40 سالن کان وڌيڪ عرصي جي محنت جو نتيجو آهن، ملڪ جي پروگريسو ماڻھن کي ھاڻ پنھنجي سوچڻ جو انداز بدلائڻو پوندو، سائنسي بنيادن تي غور ويچار ڪري انتهاپسندي، عدم برداشت، عدم رواداري، قدامت پرستي ۽ اڻبرابري جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ خانھ بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي ھلندڙ نائين اياز ميلي جي چوٿين ڏھاڙي تي مختلف موضوعن ۽ ڪتابن تي ٿيل ڳالھھ ٻولھھ وارين ويھڪن ۾ ڳالھائيندي ڪيو، اياز ميلي ۾ “سماجي تنگ نظري ۽ عدم رواداري” جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي. جنھن ۾ نامياري سياسي اڳواڻ ۽ دانشور افراسياب خٽڪ ڳالھائيندي چيو تھ ھر انساني معاشري ۾ ڪشمڪش ٿيندي آهي، هر جڳهھ تي ڪو نھ ڪو جھيڙو هوندو آهي، جديديت ۽ قدامت پسندي ۾ ڇڪتاڻ رھندي آھي. ھن چيو تھ ورهاڱو مذهب جي نالي ٿيو، اھو پاڻ ئي نھ ٿيو ھو، لاھور جي قرارداد ۾ رياستن جو ذڪر ھو، پر 49ع ۾ وري بنھھ مختلف موقف اختيار ڪري قرارداد آندي وئي، وري جڏھن افغانستان ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي تھ ھتي مذھبي ماڻھن جو رول اچي ويو، اھو سڀ ڪجھ سڀ اوچتو نه ٿيو ھو، پر ھڪ منصوبي تحت ڪيو ويو، رياست ان ۾ مڪمل طور تي شامل رھي. ھن چيو تھ سڄي دنيا جي معاشرن ۾ انتھاپسندي ۽ دھشتگردي ايندي آھي، پر رياست جا ڪجھھ اھڙا حصا ھوندا آھن جيڪي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ ڪامياب به ٿيندا آھن، پر اسان وٽ انتھاپسندي رياست اندر داخل ٿي وئي آھي، 2014ع ۾ نيشنل ايڪشن پلان جڙيو، ان قت آئون پارليامينٽ ۾ ھوس ۽ ان ڪميٽي جو به حصو ھوس، پر اھو نيشنل ايڪشن پلان اڄ ڪٿي آھي؟، ھن چيو تھ برطانيا پاران جرمني کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ انھن جو ٻيو نشانو سوويت يونين ھئي، چرچل سوچيو ھو تھ سياسي مذھب سوويت يونين خلاف استعمال ڪيو وڃي تھ بھتر ٿيندو. ھن چيو تھ وڏي پئماني معاشري ۾ عدم برداشت پيدا ڪرڻ جي لاءِ رياست پاران مداخلت ڪئي وئي، پروگريسو ماڻھو رڳو جلسن ۾ تقرير تھ ڪري سگھن ٿا پر نصاب تھ اھي نٿا ٺاھي سگھن اھو ڪم تھ رياست کي ڪرڻو ھو، نصاب جنرل ضياءَ الحق ٺاھيو ھو، ھتي افغان جنگ کان اڳ اھو سڀ ڪجھھ ٿيندو رھيو، رياست ھڪ نيريٽو ٺاھيو، گھڻن ماڻھن ضياءَ جي دور ۾ مزاحمت ڪئي، ڄام ساقي سميت ٻيا ڪيترائي ماڻھو اٿيا. ھن چيو تھ پختونخواھھ ۾ باچا خان جي تحريڪ جيڪا آزادي پسند تحريڪ سان گڏ سڌارن جي تحريڪ ۽ صنفي برابري جي تحريڪ بھ ھئي، ان تحريڪ سڀ کان پھريان عورتن جي حقن جي ڳالھھ ڪئي ھئي، باچا خان 1921ع ۾ ھڪ تنظيم ٺاھي پنھنجو ڪم شروع ڪيو ھو، ان ڪري ئي پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ جيڪا پھرين حڪومت ٽوڙي وئي اھا خيبرپختونخواھ جي حڪومت ھئي رياست کي ھاڻ سوچڻو پوندو تھ اھو سڀ ڪجھھ آخري ڪيستائين ھلندو رھندو. ھن چيو تھ ھتي پارليامينٽ بي توقير ٿيندي رهي آهي، عدليا اهڙي آهي جيڪا رات جو هڪڙو فيصلو ڏئي ٿي صبح جو جج لڏندا نظر اچن ٿا. نامياري دانشور ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته عدم رواداري جي سببن ۾ ٽي مک سبب آھن، ھڪ سبب اھو آھي جنھن جا بنياد رياست وڌا آھن، ٻيو سبب سماج جو پيدا ڪيل آھي ۽ ٽيون سبب ڪارپوريٽ سيڪٽر آھي. ھن چيو تھ معاشري اندر عدم برداشت مذھبي عنصرن طرفان پکيڙي وئي آھي، اهي اڻبرابري کي هٿي ڏين ٿا. هن چيو تھ سماج ۾ صنفي اڻبرابري پيدا ڪئي آهي، غير سيڪيولر رياست ڀلي ڪهڙو بھ لباس پائي پر ان ۾ برابري نٿي اچي سگھي، پاڪستان کي ٺاهڻ وقت بھ چيو ويو هو تھ هي سيڪيولر رياست هوندي، هر مذهب جا ماڻهو آزاد هوندا، پر ائين اڄ ڏينھن تائين نھ ٿي سگھيو آھي، دنيا ۾ سيڪيولر رياستون ئي پرامن آهن، هتي رياست پاڻ عدم برداشت ۽ انتهاپسندي وڌائڻ جو سبب بڻي آهي. ھن چيو تھ پروگريسو ادب معاشري ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پر پروگريسو ماڻهن سماجي سائنس تي توجه نھ ڏني، اها پروگريسو ماڻهن جي وڏي ڪمزوري آھي، ھتي هڪ وڏي ذهني ۽ فڪري انقلاب جي ضرورت آهي، سوچڻ جو انداز بدلجڻ انتهائي ضروري آهي، سائنسي بنيادن تي سوچينداسين تڏھن ئي انتهاپسندي، قدامت پرستي ۽ اڻبرابري جو خاتمو اچي سگهي ٿو. ھن چيو تھ هتي ٽيڪنالوجي تھ اچي وئي آھي، پر سائنسي رويا ناهن پهتا، ان ڪري بگاڙ پيدا ٿيو آهي، سائنسي سوچ معاشري جي سڌاري ڏانهن پهريون قدم هوندو. نامياري صحافي ۽ دانشور ناضر محمود چيو تھ ميڊيا جو پاڪستان ۾ منفي ڪردار رهيو آهي، اردو ميڊيا عدم رواداري ۽ عدم برداشت کي هٿي ڏني، پاڪستان ٺھڻ جي شروعاتي ڏينھن ۾ رڳو پرنٽ ميڊيا ئي ھئي، جيڪا رڳو اردو ميڊيا ھئي، ان دور ۾ ھڪ ميڊيا گروپ جي ھڪ خاص ذھنيت ھئي ۽ ان کانپوءِ جيڪا ميڊيا آئي انھن جو بھ ساڳيو حال ھو، ان ميڊيا عدم رواداري ۽ عدم برداشت جي لاءِ ھڪ خاص قسم جي ذھنيت پيدا ڪئي، معاشري ۾ رواداري تڏھن ايندي آھي جڏھن معاشرو ماڻھن کي گڏ کڻي ھلندڙ ھوندو، مذھبي ماڻھو انڪليوسو ٿي ئي نٿو سگھي، روادار معاشري ۾ ھر رنگ نسل، ٻولي ۽ مذھب جي ماڻھن کي ھڪ جيترا حق مليل ھوندا آھن، ھاڻ رياست کي فيصلو ڪرڻو آھي ته روادار ۽ برداشت واري رياست بڻجي سڀني کي گڏ کڻي ھلڻ چاھي ٿي يا وري پنھنجي ساڳئي پراڻي تسلسل کي جاري ٿي رکڻ چاھي. ھن چيو تھ جنهن نظريي تي پاڪستان ٺهيو هو ان وقت ئي اھو نظريو پنهنجي اھميت وڃائي چڪو هو. هن چيو تھ پروگريسو سوچ کي ڪچليو ويو، باچا خان کان ويندي ڪامريڊ ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، فاضل راهو سميت ٻيا ڪيترائي پروگريسو ماڻھو جيلن ۾ رهيا، پر جيڪي عدم رواداري ۽ عدم برداشت کي هٿي ڏيندڙن ھئا رياست انھن جي سهولتڪاري ڪئي. ھن اياز ميلي ۾ ماءُ کي ياد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جي اکين مان ڳوڙھا وھڻ واري واقعي تي ڳالھائيندي چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري جون هتي ماءُ کي ياد ڪندي اکيون ڀرجي آيون، پر ان ساڳي ڏينھن تي اسلام آباد ۾ بلوچ نياڻين تي تشدد ٿي رهيو هو، منھنجو سوال آھي تھ بلوچ نياڻين تي تشدد واري واقعي تي بلاول جو اکيون ڇو نھ نھ ڀرجي آيون، حقيقتن کي لڙڪن ۾ نٿا لڪائي سگهو. ڊاڪٽر رياض شيخ چيو تھ جنهن رياست جو بنياد ئي عدم برداشت ۽ عدم رواداري تي پيو ھجي اتي برداشت ۽ رواداري اچڻ مشڪل آھي، 47ع ۾ عدم رواداري ۽ عدم برداشت جي بنياد تي برصغير جي ورھاست ٿي، عدم برداشت جا بنياد اتان ئي وڌا ويا. ھن چيو تھ اسان کي ٻڌايو ويندو آھي تھ جناح صاحب ھڪ تقرير ڪئي ھئي، پر نصاب ۾ اھو ٻڌائڻ جي جرئت نٿي ٿئي تھ جناح صاحب ان تقرير ۾ چيو ڇا ھو، ھاڻ تھ اھا تقرير ڪٿي شوڪيس ۾ پيل آھي، پر مون کي پروفيسر نوتن لال ياد اچي ٿو جيڪو اڄ ڏينھن تائين گھوٽڪي ۾ قيد آھي، سلمان تاثير جو تڙپندڙ لاش بھ ياد اچو ٿو، جنھن کي سندس پارٽي بھ تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ ھئي، جڙانوالا ۾ ڪرسچنن جي سڙيل بستي بھ ياد آھي، اھو واقعو ھن رياست جي سياسي نظام کي چماٽ آھي تھ توھان ھي ڇا ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ جيڪا رياست سياسي ڳالھھ ٻولھھ کي جھاد طرف وٺي وڃڻ چاھي ان رياست مان ڪھڙي اميد ڪري سگھجي ٿي، رياست عدم برداشت ۽ عدم رواداري کي ختم ڪرڻ بجاءِ پنھنجي سڄي مشينري عدم برداشت ۽ عدم رواداري کي ھٿي ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪئي، 40 سالن کان رياست جيڪو ڪجھھ ڪيو سو ڪيو، پر گذريل ڪجھھ سالن کان ھڪ نصاب جي نالي تي معصوم ٻارڙن جو ذھن تبديل ڪرڻ جي لاءِ جيڪو تماشو رچايو ويو آھي ان کي بھ ڏسڻ گھرجي، ماڻھن ۾ مذھبي بنيادن تي وڇوٽيون تھ ھيون پر پوءِ فرقي جي بنياد تي وڇوٽيون پيدا ڪيون ويون، ڇوڪرين کي پٽ تي ۽ مردن کي ڪرسين تي ويھاري صنفي اڻبرابري کي ھٿي ڏني وئي، رياست جي مشينري انھن ڪمن جي لاءِ استعمال ٿيڻ جي لاءِ فخر محسوس ڪندي آھي. هن چيو تھ پروگريسو آواز کي دٻائڻ جي لاءِ 55ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڊي ايس ايف تي پابندي لڳائي وئي، هتي مليٽنسي کي پروموٽ ڪيو ويو آهي، هتي جهاد جي علامتن کي تھ ڏيکاريو وڃي ٿو، پر روداري وارا علائقا ۽ نشانيون نٿيون ڏيکاريون وڃن. ھن ويھڪ جي ماڊريٽر سحر گل هئي ۽ ڳالھائيندڙن ۾ امر سنڌو بھ شامل ھئي.