رياست جا 2 وڏا گناھھ بنگالين ۽ ڀُٽي جو قتل آھي: جاويد قاضي

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ”احمد سليم: ضمير جو آواز“ جي موضوع ٿي سيشن ٿيو، جنھن ماڊريٽر ريحانھ چنڙ ھئي. ان موقعي تي لاھور مان آيل رضا  نعيم چيو تھ احمد سليم صديءَ جو عظيم ڪردار ھو، ھو ڌرتيءَ جو پٽ ھو، احمد سليم کي سنڌي، پنجابي، اردو ۽ انگريزي تي دسترس حاصل ھئي. ھن چيو تھ احمد سليم جھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن، ھن کي ورھاڱي جو وڏو ڏک ھو، ھو ان تي روئي ڏيندو ھو. ھن چيو تھ احمد سليم واحد ماڻھو ھو، جنھن قلم ۽ مزدور جي رشتي کي برقرار رکيو، شاعرا عطيھ دائود چيو تھ احمد سليم اسان جو دوست ھو، اسان کي ھو پنھنجي ڪم جي حوالي سان رچ ھو، اھو اسان کي اندازو نھ ھو، ھو ڪتاب جي چوريءَ کي جائز سمجھندو ھو. ھن جو مشن نوجوانن ۾ لکڻ، پڙھڻ، آرٽ ۽ ادب سان اتساھھ پيدا ڪرڻ ھو، ھو ادبي مزدور ھو، جيڪو ڏينھن رات ڪم ڪندو ھو. ھن چيو تھ احمد سليم جي شخصيت ھر وقت اتساھيندڙ ھئي. ڪالم نگار جاويد قاضي چيو تھ احمد سليم جو وڏو ڪم شيون گڏ ڪرڻ ھوندو ھو، پاڪستان جي رياست جا 2 وڏا گناھھ تاريخ جو حصو آھن، جن ۾ ھڪ بنگالين جو قتلام ۽ ٻيو ڀٽو جي ڦاھي ھو. احمد سليم پاڻ ھڪ ڪتاب ھو، ھو ھر وقت ڪاغذ ھو، ھو انتھائي محنتي ماڻھو ۽ سچو ماڻھو ھو. ھن چيو تھ احمد سليم پنھنجي وقت جو سچو ماڻھو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.