زرعي انقلاب جي نالي سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي: سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد(رپورٽ؛ اعجاز چانڊيو) سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ ۽ عسڪري ادارن کي ڏيڻ خلاف سنڌ ليفٽ فرنٽ حيدرآباد  پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  ڌرڻي  جي اڳواڻي پورھيت  مزاحمت تحريڪ جو صدر مسرور شاھ, جنرل سيڪريٽري نثار لغاري، عوامي جمهوري پارٽي جو اڳواڻ لال شاھ, عوامي ورڪز پارٽي سنڌ جو صدر يونس راهوجو،  وطن دوست جمھوري پارٽي جو اڳواڻ گلشير شر, سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ثمر جتوئي, پي پي شھيد ڀٽو جو اڳواڻ محمد رمضان  ۽  ڪامريڊ ايسر داس ڪري رھيا ھئا. ان موقعي  تي اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ معاشي ڏيوالپڻي کي منھن ڏيڻ  لاءِ معاشي سڌارا ڪرڻ بجاءِ مظلوم قومن جي وسيلن کي وڌيڪ ڦرڻ جو منصوبو ٺاھيو آھي نگران حڪومت جي ذريعي سنڌ جي  وسيلن ۽ زمينن کي تين وال ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته  نگران حڪومت کي اھڙو ڪوبه  قانوني آئيني ۽ اخلاقي جواز ناھي. اجلاس ۾  نگران حڪومت پاران عسڪري ادارن کي سنڌ جي 54 ھزار ايڪڙ زرعي زمين ڏيڻ واري فيصلي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته  سنڌ ۾ زرعي سڌارا ڪري زمين بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي ڏني  وڃي. ھنن چيو ته  پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ ۽ سنڌين جي حق حاڪميت کي کسڻ لاءِ مختلف دورن ۾ ٻاھرين آبادي جا ڪٽڪ سنڌ ۾ آندا ويا، سنڌ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي پنھنجي ڊيموگرافي ۽ حق حاڪميت کي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪندي رھي آھي.  اڄ پاڪستان جي رياست افغان پناھگيرن کي افغانستان واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اھو فيصلو پاڪستاني رياست پنھنجي سيڪيورٽي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪيو آھي، ڇاڪاڻ ته  چاليھ سالن جي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ جي پاليسي ناڪام ٿي وئي آھي ۽ پنھنجا ٺاھيل طالبان ھاڻ پاڪستاني رياست سان وڙھي رھيا آھن، ان ڪري ان فيصلي ۾ رياست سنجيدھ نظر نٿي اچي ۽ نه  ئي رياست مظلوم قومن جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ واري پاليسي کي تبديل ڪيو آھي، وقتي طور افغان پناھگيرن تي ڪريڪ ڊائون ڪري ۽ ڪجھ پناھگيرن کي افغانستان موڪلي رياست طالبان حڪومت ۽ يو اين ايڇ سي آر سان بارگننگ ڪرڻ چاھي ٿي، ان ڪري افغان مھاجرين جي مسئلي جو صحيح حل اھو آھي ته  انھن کي عزت سان پنھنجي ملڪ موڪليو وڃي يا يواين ايڇ سي آر جي قانون تحت بارڊر وارن علائقن ۾ ڪيمپن ۾ رھايو وڃي, اھو عمل نه  صرف سنڌي قوم ۽ افغان پناھگيرن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ  ڇڪتاڻ کي گھٽائيندو ۽ سنڌي قوم جي مستقل مفادن جو تحفظ ڪندو  بلڪھ افغان عوام کي به   موقعو ڏيندو ته  ھو پنھنجي ملڪ وڃي فسطائي طالبان حڪومت خلاف جدوجھد ڪن ۽ پنھنجي وطن کي انھن کان آزاد ڪرائين، اھڙي جدوجھد ئي مظلوم قومن جي وچ ۾ اتحاد قائم ڪري سگھي ٿي. هنن چيو ته   سنڌ ۾ معاشي روزگار لاءِ ايندڙ  ٻاھرين آبادڪاري لاء  قانونسازي ڪري انھن جي ووٽ ۽ پراپرٽي جي حق کي محدود ڪيو وڃي

نوشهروفيروز (ڊ ر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ  طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي پبلڪ پارڪ کان شروع ٿي ۽ ٽي ڪلوميٽر شھر جو گشت ڪرڻ بعد شھر جي مکيه الله واري چوڪ تي پھتي. ريلي ۾ سنڌياڻين سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  شريڪ ڪارڪن زمينن جي نيلامي خلاف زوردار نعرا هڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو، عوامي تحريڪ ضلعي نوشهروفيروز جي صدر سليم ڀنگر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن شاهين خاصخيلي، صفيه سرمد، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد تنيو، عبدالسلام سومرو,ستار عمراڻي ، سنڌي ھاري تحريڪ ضلع صدر علي نواز عالماڻي ، اسماعيل عالماڻي ۽ ٻين چيو ته هڪڙي پاسي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اسان جون زمينون سمنڊ ڳهي رهيو آهي ته ٻي طرف وري زمينون عسڪري ادارن ۽ غير ملڪي سرمائيدارن حوالي ڪيون پيون وڃن. زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ تي قبضو ڪيو پيو وڃي. اصلوڪن رهواسين جا کاتا تبديل ڪري زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ملڪ جا حڪمران سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪري رهيا آهن. سنڌ جي زمينن تي قبضا انساني حقن جي لتاڙ آهن. هارين کي  بي دخل ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا آندا ويا آهن. گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لمٽيڊ جي صورت ۾ رات پيٽ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جهڙي قبضاگير ڪمپني ٺاهي وئي آهي. هنن چيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت تي حملو ڪيو ويو آهي. زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي زراعت تباه ڪئي وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر خاندانن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ پلاٽ ڏنا وڃن ته جيئن اهي شهرن ۾ روزگار حاصل ڪري گذر سفر ڪري سگهن. ۽ ڳوٺن ۾ موجود سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي مفت ۾ ڏنيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.