بلوچن تي تشدد خلاف ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچيءَ ۾ بلوچ مظاهرين سان اظهار يڪجهتي طور ريلي ڪڍندڙ پورهيت اڳواڻ ناصر منصور، قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، فشر فوڪ فورم اڳواڻ سعيد بلوچ ،عبدالوهاب بلوچ ۽ شعيب بلوچ سميت 280  نامعلوم ماڻهن تي رياست خلاف نعريبازي جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڇنڇر ڏهاڙي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، هوم بيسڊ وومين ورڪر فيڊريشن، الٽرنيٽ تنظيم سميت سول سوسائٽي پاران اسلام آباد ۾ بلوچ مظاهرين مٿان تشدد خلاف ۽  بلوچن سان اظهار يڪجهتي طور احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي ڪراچي پريس ڪلب پهتي جنهن ۾ مظاهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ بلوچ عورتن جي رستا روڪ خلاف نعريبازي ڪئي جنهن بعد ڪالهه ڊسٽرڪٽ سائوٿ پوليس پاران آرٽلري ميدان ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي مزدور اڳواڻ ناصر منصور، قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، فشر فوڪ فورم اڳواڻ سعيد بلوچ، وهاب بلوچ ۽ شعيب بلوچ سميت 280 نامعلوم ماڻهن تي رياست خلاف نعريبازي ڪرڻ جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  ان سلسلي ۾  نيشنل  ٽريڊ يونين اڳواڻ ناصر منصور عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ سان مسئلي جو حل ناهي نڪرندو، ڪيس داخل ڪيو يا گرفتار ڪيو بلوچ نياڻين جو آواز دٻائي نه ٿو سگهجي، ماهه نور بلوچ جي پيءُ کي قتل ڪيو ويو، هزارين بلوچ کنڀي گم ڪيا ويا تنهن باوجود بلوچ اسلام آباد جو در کڙڪائڻ لاءِ قهر جهڙي ٿڌ ۾ تربت کان اسلام آباد پهتا پر انهن جي دانهن ٻڌڻ بدران ڪيس داخل ڪري تشدد ڪيو ويو جنهن خلاف بلوچستان سميت سموري ملڪ ۾ انهن سان اظهار يڪجهتي لاءِ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، بلوچ نياڻين سان اظهار يڪجهتي جي سزا ڪيس داخل ڪرڻ آهي ته اهو مسئلي جو حل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي ماڻهن آئيني رستو اختيار ڪيو پر رياست انهن تي ڪيس داخل ڪري غير آئيني ڪم ڪيو آهي، جيڪڏهن کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪو ڏوھ آهي ته عدالتون کليل آهن انهن کي ثبوت سوڌو عدالت پيش ڪيو وڃي. قومپرست اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسين مظلوم نياڻين سان گڏ آهيون، اسين جڏهن به اسين انصاف لاءِ نڪرندا آهيون ته اسان تي ڪيس داخل  ٿي ويندا آهن، انصاف لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. فشر فوڪ فورم سعيد بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايف آءِ آر غلط ڪٽي وئي آئي آرٽيڪل 19 ۽ 17 تحت هر شهري کي پرامن احتجاج ڪرڻ جو حق آهي، مون سميت جنهن تي به ايف آئي آر  غلط ڪٽي وئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.