پنجاب ۾ نامزگي ڪاغذ ڦرجڻ لڳا، پوليس جي به مداخلت

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ ڦرڻ ۽ پوليس جي مداخلت تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر آءِ پنجاب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي صوبائي  اليڪشن ڪمشنر چيو ته ريٽرننگ آفيسرن جي ڪم ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ ڏيڻي آهي.صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ اميدوارن جو حق آهي پوليس ڪنهن به اميدوار کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان روڪيو ته ڪارروائي ڪئي  ويندي ڇو ته شفاف چونڊن ۾ ڪنهن قسم جي به رڪاوٽ کي برداشت نه ڪنداسين.

پيپلز پارٽي پنجاب صوبو پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏيو: خورشيد شاهه

سکر (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب صوبو وڃايو، چاردر آف ڊيموڪريسي سبب اسان جا ڪارڪن ڪمزور ٿي ويا  آهن. سکر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اڄ اسان ڏسون ٿا ته اقتدار خاطر ماڻهو منهن ڦيرائي وڃن ٿا، جيڪي چوندا هئا ته مون کي ڇو ڪڍيو ۽ ووٽ کي عزت ڏيو، ميڊيا ٻڌائي ته ڇا ووٽ کي عزت ملي رهي آهي؟ هن چيو ته جڏهن تحريڪ انصاف جو باني ٻاهر اچي ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندو ته ان کي رليف چيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ عدليه کي شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيئر سياستدان اعتراف ڪيو ته پيپلز پارٽي پنجاب صوبو وڃائي چڪي آهي. هن چيو ته 15 سالن تائين مسلم ليگ سان ڀائرن وانگر ڪم ڪيو ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت سڀني کي گڏ ڪيو. خورشيد شاهه چيو ته هر پارٽي کي ليول پلينگ فيلڊ ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اليڪشن جي اهڙي طريقي کي ڪير به قبول نه ڪندو ۽ غير شفاف چونڊون ٿيڻ سان پاڪستان جي رياست ۽ هر اداري کي نقصان ٿيندو. خورشيد شاهه چيو ته  18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪنهن جي ماءُ کي به طاقت ناهي،  پ پ 18 ترميم آڻي صوبن کي خود مختيار بڻايو، عمران خان کي ضمانت ملي آهي پر هو آزاد ناهي ٿيو، عدالتن مان انصاف جي اميد رکون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.