ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچستان مان ڪير به گم ناهي، جڏهن ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ دهشتگردن جي سهولت لاءِ هو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته تربت کان ڪوئيٽا ۽ بعد ۾ ڪوئيٽا کان اسلام آباد لانگ مارچ هڪ منصوبي تحت ڪيو ويو. هن چيو ته تربت واقعي کانپوءِ بلوچستان حڪومت سي ٽي ڊي اهلڪارن خلاف ڪيس ۽ واقعي جي جچ سميت ٻيا جائز مطالبا مڃيا پر ان باوجود اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو ويو. جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان ۾ نسلي تعصب جي ڪري ماڻهن کي ماريو پيو وڃي پر ڪو آواز نٿو اٿاري، بلوچستان مان ڪو به گم ناهي، لانگ مارچ ۾ شريڪ جن ماڻهن جا نالا کنيا پيا وڃن، اهي پابندي مڙهيل تنظيمن جي ڪئمپن ۾ آهن يا ڀارت ۾ تربيت وٺي رهيا آهن. هن چيو ته لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ايجنڊا ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ٿيندايس ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري جهڙا مطالبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.