سرمد سنڌي غريب ماروئڙن جي ڏکن کي ڳايو: سڄاڻ ڌريون

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران قومي راڳي مرحوم سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي،  جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن امجد شاهه، بيدل مسرور اظهر جوکيو، وهاب سومرو ، جاويد شيخ، سجاد ظهير، آفتاب گوپانگ، سليم ميمڻ، رمضان رند، ذاڪر ڪانڌڙو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾  سنڌ جي قومي فنڪار شھيد سرمد سنڌي جي ياد ۾ وائي ڳائي سندس ياد کي تازو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن چيو ته سرمد سنڌي سنڌ جو ھڪ بھترين فنڪار ھو جنھن غريب ماروئڙن جي ڏکن کي ڳايو ۽ هو بنا ڪنهن لالچ جي  سنڌي ماڻھن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سندن مان مٿانھون ڪندو ھو. هنن چيو  ته سرمد سنڌيءَ جا ڪيترائي گيت اڄ به سنڌ سميت پوري دنيا ۾ مشھور آھن، جنھن ۾ مان ڏوھي آھيان مان ڏوھي آھيان ۽ منھنجي معصوم ٻچڙن جي سار لھجو منھنجي مرڻ کان پو، سنڌ جي ڌرتي منهنجي ماتا توتي پنهنجو سيس نمايا الا مٽي ماٿي لايان سميت ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.