لاهور ( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي گاڏي کي حادثو پيش آيو آهي، حادثي وقت سندس ڪٽنب به گاڏي ۾ موجود هو. راڻا ثناءُ الله جي گاڏي کي فيصل آباد بائي پاس وٽ حادثو پيش آيو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته سمورا ماڻهو محفوظ آهن، ٽن گاڏين کي نقصان پهتو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله پنهنجي ڪٽنب سان گڏ فيصل آباد کان لاهور اچي رهيو هو ته ڪمند سان ڀريل ٽرالي گاڏي کي ٽڪر هنيو.