لاکڙا واسين جو 50 ايڪڙ زمين تي قبضي خلاف احتجاج، ڪارروائي جو مطالبو

سن ( ن ع آ ) سن ۾ لاکڙا جي رهواسين زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاجي ظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، لاکڙا جي رهواسين نواز ميرواڻي کوسو، محمد صديق ميرواڻي کوسو، ڪيوڙو خان ميرواڻي کوسي 50 ايڪڙ زمين  تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لاکڙا جي ٻن ڪوئلا ڪمپنين جن ۾ سنجراڻي ۽ فتح ڪوئلا ڪمپني اسان جي  سروي نمبر 147.148 .149.16 جي 50 ايڪڙ زمين جيڪا اسان  ابن ڏاڏن جي ملڪيت آهي سمورا دستاويز به اسان وٽ موجود آهن ان تي ڪوئلا ڪمپنين جي  انتظاميا پرويز، عارف ۽ عزيز الله پٺاڻ هٿيارن جي زور تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته زمين تان بي دخل ڪري غيرقانوني طور تي  زمين مان ڪوئلو ڪڍي رهيا آهن، ڪمپنين خلاف ڄامشورو جي عدالت ۾ وياسون ۽ اٺ مهينا عدالت ۾ ڪيس هلڻ کان پوءِ عدالت سڳوري اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو ۽  عدالت لاڳاپيل انتظاميا مختيار ڪار مانجهند ڊي ايس پي خاڻوٺ ايس ايڇ او ڪول مائينز  کي نوٽيس موڪلي ڪمپنين جو ڪم بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته انتظاميا عدالت جي حڪم کي هوا ۾ اڏائيندي ڪم بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪي به قانوني قدم ناهن کنيا، انتظاميا ڪمپنين جي ڌر بڻيل آهي. احتجاج ڪندڙن وس وارن کي اپيل ڪئي ته زمينن مان غيرقانوني طور تي  ڪوئلو ڪڍنڍڙ ڪپمنين جي انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.