غوث علي شاهه، سائرا بانو، محمد ميان سومرو، ڄام سيف الله ۽ راشد سومرو پاران نامزدگي ڪاغذ جمع

خيرپور/گهوٽڪي/جيڪب آباد/لاڙڪاڻو/ سانگهڙ (نمائندن وٽان) سينئر سياستدان اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه خيرپور جي قومي تڪ 202 ۽ خيرپور جي صوبائي تڪ پي ايس 26 تي اميدوار طور فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. گهوٽڪي جي قومي اسيمبلي جي تڪ 199 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 21 تي اميدوارن پاران فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، ڄام سيف الله ڌاريجو، پپو خان چاچڙ، عبدالقيوم حاليجوي ۽ ٻين اميدوارن پاران آر او آفيس گهوٽڪي ۾ ريلين جي صورت ۾ پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرايا، هوانهن ٻڌايو پيو وڃي ته صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 21 تي فارم ڀرائيندڙ پپو خان چاچڙ جو تعلق پنوعاقل سان هجڻ ڪري اتا کان ريلي جي صورت ۾ پهجي فارم جمع ڪرايو، ريلي ۾ پنوعاقل جا ماڻهون وڌيڪ نظر آيا، گهوٽڪي واسين نالي ماتر شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 190 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. محمد ميان سومرو ريلي جي صورت ۾ آر او آفيس پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پاران لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا، ساڳئي تڪ تان بلاول ڀٽو زرداري جا به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. جي ڊي اي اڳواڻ سائرا بانو پاران سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 210 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي خورشيد جوڻيجو شهدادڪوٽ جي قومي تڪ اين اي 196 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙن ۾ اين اي 190 تي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جڏھن ته پي ايس هڪ تي عورت اميدوار بيبي آسيا ڪاغذ جمع ڪرايا. پي ايس جيڪب آباد  تي مولانا عبدالجبار رند، پي ايس ٽو تي شفيق احمد کوسو ، پي ايس ٿري تي مولانا سليم الله بروهي جي يو آءِ جا اميدوار هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.