پي ٽي آءِ باني، آصف زرداري ۽ نواز شريف کان ٻه هٿ اڳتي هو: پرويز خٽڪ

نوشهره ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ ) پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته جن پارٽين ملڪي ادارن خلاف نفرت جي سياست ڪئي اهي ختم ٿي چڪيون آهن، بيٽ جي نشان کانپوءِ پي ٽي آءِ جو نالو ۽ نشان به غائب ٿي ويندو. نوشهره ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي پارٽي ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جن پارٽين ملڪ جي ادارن خلاف نفرت جي سياست ڪئي اهي يا ته ختم ٿي ويون آهن يا وري اهي پارٽيون صرف صوبن ۾ آهن. پرويز خٽڪ چيو ته عمران خان جي تبديلي جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي، اليڪشن ڪميشن بيٽ جو نشان هٽائي ڇڏيو،  هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني اصل ۾ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف کان ٻه هٿ اڳتي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.