وڏي وزير ڪريم آباد ۾ تعمير هيٺ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪريم آباد ۾ تعمير هيٺ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، ڪريم آباد  انڊر پاس 1.35 بلين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هن جي ڊيگهه 1080 ميٽر ۽ ويڪر 6.1 ميٽر آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.نگران وڏي وزير ڊي جي ڪي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته انڊر پاس تي ڪم جي معيار ۽ رفتار کي مانيٽر ڪيو وڃي ته جيئن منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي، نگران وڏي وزير چيو ته ان منصوبي مان لکين ماڻهن کي فائدو ٿيندو ۽ ٽريفڪ جي رواني به بهتر ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.