سانگهڙ (پ ر ) عوامي تحريڪ پاران ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي نيلامي خلاف احتجاجي ريلي ڍي وئي. ڪارڪنن ستار رند، علي نواز ڏاهري، راڻو خان ڪنڊاڻي، مريم انڙ، شمشاد لغاري ۽ ٻين اڳواڻن ۾ الله واري چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ترقي جي نالي تي عوام جي تباهي کي برداشت نه ڪبو. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جا منصوبا هارين ۽ آبادگارن لاءِ تباهي ۽ حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪارندن لاءِ ترقي جا منصوبا آهن. هنن چيو ته ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي 52 هزار 713 ايڪڙ زمين ايم ايس گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو ڪمپني حوالي ڪرڻ جو فيصلو سنڌ جي وجود مٿان وار آهي. هنن منصوبن سبب سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بي روزگاري، بک ۽ بدحالي ۾ اضافو ٿيندو.