ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نيو ڪراچي سيڪٽر 12 ڊي گلزار  ھوزري فيبرڪ ڪمپني جي مالڪ جي ڪار تي فائرنگ  ۾ 28 ورهين جو نوجوان جو اساما ولد محمد سليم مارجي ويو، شير شاهه جي علائقي جناح روڊ ڀرسان گودام ۾ 35 سالن جي نوجوان عزت گل ولد روزي گل پنهنجي پاڻ مٿان فائرنگ ڪري زندگي جو انت آندو، ڪشمير ڪالوني ۾ فائرنگ ۾ محمد حسين ولد نذير حسين زخمي ٿي پيو. جوھر آباد ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ سيد محمد ڪليم ولد سيد عبدالبراڪت زخمي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.