ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن جي 15 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ۽ سينيئر سول ججن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيو ويو آهن. ڪراچي ڏکڻ جي سينيئر سول جج لالا اسد ۽ سينٽرل جي فيملي مئجسٽريٽ ماھ رخ رشيد کي بدلي ڪري ٽنڊو الهيار مقرر ڪيو ويو، ٽنڊو الهيار جي سول جج ڪنول ۽ ڪاشف ڀٽي کي ڪراچي جي سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو آھي. سڪرنڊ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حسن علي ڪلوڙ کي دادو 1 ۾ مقرر ڪيو ويو. گھوٽڪي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حافظ مصباح الدين ڦلپوٽو کي بدلي شڪارپور اماڻيو ويو، جڏھن ته اتان عبدالقدير ٻرڙو کي ھٽايو ويو. پنوعاقل کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راجا حبيب الرحمن کي نوشهرو فيروز بدلي ڪيو ويو.قمر الدين عباسي کي نوشھرو فيروز مان بدلي ڪري پنوعاقل جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو.ملير جي ايڊيشنل سيشن جج تصور علي کي حيدرآباد ڏانھن اماڻيو ويو آھي، جڏھن ته اتان اشفاق مغل جي بدلي ڪري ملير جو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪيو ويو آهي، خيرپور جي سينيئر سول جج سونيہ اعواڻ کي بدلي ڪري نوشهرو فيروز اماڻيو ويو آھي، سجاول جو سينيئر سول جج محمد ايوب ڀٽي به بدلي، ملير مان خرم امين خان کي به ھٽائي سجاول ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.