قلندر جي درگاهه تان چوري جو ڪيس داخل، مئنيجر اوقاف گرفتار

سيوهڻ (رپورٽ: خالد ميمڻ ) قلندر لال شهباز جي درگاهه مان اڍائي ڪروڙ روپين جو سون ۽ چاندي چوري ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل  ڪيو ويو آهي. سيوهڻ ٿاڻي تي اوقاف کاتي جي مئنيجر ۽ هڪ ملازم خلاف درگاهه جي مال خاني مان چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو. لاڙڪاڻي ۽ سکر اوقاف کاتي جي ايڊمنسٽريٽر ارشاد علي سمون جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ مئنيجر محمد زبير بلوچ ۽ خانگي شخص علي رضا گوپانگ سميت ٻيا جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته درگاهه جي نذراني وارين پيتين 57 تولا ۽ 7 آنا سون چوري ڪيو ويو، پيتين مان نذراني جي 3 هزار 131 تولا چاندي به چوري ڪئي وئي. ايف آءِ آر موجب جوابدار مئنيجر پڇاڳاڇا دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي، مئنيجر اوقاف کي معطل ڪندي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ھوڏانھن ڪيس داخل ٿيڻ بعد سيوھڻ پوليس ڪارروائي ڪندي درگاهه قلندر جي مئنيجر اوقاف زبير بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ٻين جوابدارن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.