اسلام آباد ( م ڊ ) فنانس ڊويزن جو چوڻ آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام تحت سمورا واعدا پورا ڪري رهيو آهي، فنانس ڊويزن ۽ پلاننگ ڊويزن جي حڪمت عملي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. ترجمان جو چوڻ هو ته فنانس ڊويزن ٻئي ٽه ماهي جا فنڊز پگهار، پينشن، نان اي آر اي ترقياتي خرچن لاءِ جاري ڪري ڇڏيا آهن. منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري ڊويزن ترقياتي خرچن لاءِ فنڊز جي منظوري وزارتن کي ڏئي ڇڏي آهي، جاري ڪيل فنڊ بينيفشريز ڏانهن منتقل ڪيا پيا وڃن. فنانس ڊويزن موجب ڪرسمس کان اڳ مسيحي برادري کي پگهارون جاري ڪيون ويون. پاور سيڪٽر کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ فنڊ سي ڊي ايم پي جي ضرورت مطابق دستياب ڪيا ويا. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي روينيو گڏ ڪرڻ ۽ ٻين وزارتن پاران اين ٽي آر گڏ ڪرڻ پڻ ٽريڪ تي آهن.