ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي ٽن قومي ۽ ڇهه صوبائي تڪن تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ملير جي تڪ اين اي 229 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڄام عبدالڪريم جوکيو ڄام هائوس کان ريلي جي صورت ۾ رٽرننگ آفيس پهچي نامزدگي فارم جمع ڪرايو، اڳوڻي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو سان گڏ اڳوڻي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو، گڏاپ ٽائون جي چيئرمين طارق عزيز بلوچ، وائيس چيئرمين ڄام محمد جوکيو ۽ ٻيا يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ گڏ هئا. جڏهن ته اين اي 230 تي (ن) ليگ جي حاجي مظفر شجراع نامزدگي فارم جمع ڪرايو، پي ايس 87 تي (ن) ليگ جي سيد يوسف شاهه ۽ سيد مهراڻ شاهه نامزدگي فارم ڪرايو، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي محمود عالم ڄاموٽ پڻ پي ايس 87 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو، پي ايس 88 تي پ پ جي عديل اختر شيخ، امان مروت، جاويد ارسلا نامزدگي فارم جمع ڪرايا، پي ايس 86 تي پ پ جي اختر يوسف عارفاڻي، اختر مون ۽ رشيد پنهور نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن.