عدالت پاران حسان نيازي کان نامزدگي ڪاغذن تي صحيح ڪرائڻ جي هدايت

لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ  انصاف جي اڳواڻ حسن نيازي کان چونڊ نامزدگي ڪاغذن تي صحيح ڪرائڻ جي هدايت ڪندي درخواست اڪلائي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ 4 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس علي باقر نجفي لکت واري فيصلي ۾ چيو ته درخواستگذار موجب حسن نيازي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿو پر کيس نامزدگي ڪاغذن تي صحيح نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊپٽي اٽارني جنرل آرمي ايڪٽ جي ڪنهن به شق جو ذڪر نه ڪيو آهي جنهن تحت انڊر ٽرائل جوادبدار اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي تنهن ڪري حسن نيازي کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.  عدالت حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جا وڪيل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل ڪمانڊنگ آفيسر کي عدالتي حڪم بابت آگاهه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.