اڳوڻو ايم اين اي نور عالم خان جي يو آءِ (ف) ۾ شامل

پشاور ( م ڊ ) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نور عالم خان پشاور ۾ هڪ تقريب ۾ جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي صوبائي امير مولانا عطا الرحمان چيو ته نور عالم خان ۽ ٻين کي جي يو آءِ ۾ ڀليڪار چئون ٿا ۽ ايندڙ دور جي يو آءِ جو آهي. نور عالم خان چيو ته  مولانا فضل الرحمان جيڪو چوي ٿو اهو سچ آهي، هن هميشه پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ آواز بلند ڪيو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي سياسي نصيرت جو هر ڪو قائل آهي، سندس قائداڻي صلاحيت کان متاثر ٿي جمعيت ۾ شامل ٿيو آهيان.

سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون بدليون

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ پوليس کاتي ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون اليڪشن ڪميشن سنڌ جي 8 پوليس آفيسرن جي بدلين جي منظوري ڏئي ڇڏي. نگران سنڌ حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي سمري موڪلي وئي هئي  اليڪشن ڪميشن جي اجازت کانپوءِ پوليس آفيسرن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. زبير نذير شيخ ايس ايس پي سکر ،ساجد امير سدوزئي ايس ايس پي ڏکڻ ڪراچي. بشير بروهي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ،  قمر رضا جسڪاڻي ايس ايس پي جيڪب آباد ، سهائي عزير ٽالپر ايس ايس پي نوشهروفيروز،مير روحل کوسو ايس ايس پي بدين ، محمد ڪليم کي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ مقرر ڪيو ويو آهي. اصغر علي شاهه  کي ايس ايس پي مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي هٽايل سڀني پوليس آفيسرن کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

ڪرسمس ۽ قائد اعظم جي سالگرهه تقريبن لاءِ حفاظتي انتظام ڪيا وڃن: گهرو وزير

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي جيلن ۽ گهرو کاتي واري نگران وزير برگيڊيئر (ر) حارث پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پئدائش ۽ ڪرسمس تهوار جي حوالي سان منعقد ڪيل  تقريبن لاءِ سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن کي يقيني بڻائين. هن آءِ جي سنڌ کي هدايت جاري ڪندي چيو ته پوليس شرپسند عنصرن جي ڪنهن به خطرناڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پوري طرح چوڪس رهي. هن هدايت ڪئي ته صوبي جي سمورن ضلعن ۾ مزار قائد، گرجا گهرن/ ٻين عبادت گاهن، شاپنگ ايرياز/ مارڪيٽن، هوٽلن/ ريسٽورنٽس، پارڪن ۽  ٻين تفريحي هنڌن جي چوڌاري سمورا وسيلا استعمال ڪندي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، سمورن ضلعن جي ايس ايس پيز کي ذاتي طور تي سيڪيورٽي جاين جو دورو ڪرڻ گهرجي ۽ مقرر ڪيل اهلڪارن کي  هاءِ الرٽ سيڪيورٽي کي برقرار رکندي ضروري انتظامن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته سڪيورٽي پلان تحت ضلعن وچ ۾  ۽ بين الصوبائي چيڪ پوسٽن تي چيڪنگ ۽ مانيٽرنگ جي طريقيڪار وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.