آءِ جي سنڌ جي هدايت تي مسيحي ملازمن ۾ تحفي طور چيڪ ورهايا ويا

ڪراچي( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي حڪم تي سي پي او ڪراچي جي 31 مسيحي ملازمن ۾ ڪرسمس جي موقعي تي تحفي طور چيڪ ورهايا ويا.سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ هڪ سادي تقريب دوران اي آءِ جي ايڊمن سيد علي آصف 31 ملازمن ۾ چيڪ ورهايا جن ۾ هڪ عورت ملازمه به شامل آهي. آءِ جي سنڌ پنهنجي پيغام ۾ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي ۽ سنڌ پوليس جي طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

اٺن تي وڃي به پوليس صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽ:مهدي بلوچ) پيپلزپارٽي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ صحافين پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ قائم علامتي بک هڙتال واري ڪيمپ تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ  کانپوءِ جان محمد مھر جي قاتلن کي  گرفتار ڪرڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير پوليس کي هدايتون جاري ڪيون، اٺن تي وڃي به پوليس صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو هو. ولي بابر جا قاتل به گرفتار پيپلزپارٽي جي وقت ۾ ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جو صحافين سان جيئڻ مرڻ جو ساٿ آهي، پيپلزپارٽي هميشه صحافت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مرڻ گهڙي تائين پيپلزپارٽي صحافين ۽ صحافت سان گڏ آهي.

ڪراچي ۾ شاپنگ مال کي باهه واقعو، عدالتي رپورٽ ۽ فٽيجز ۾ تضاد

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ گذريل مهيني راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال کي باهه لڳڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج سامهون اچي ويا. فٽيج مان عمارت جي چوٿين ماڙ کي 6 لڳي 12 منٽن تي باهه لڳڻ جي تصديق ٿي وئي، 6 لڳي 22  منٽن تي مال جو فوڊ ڪورٽ مڪمل طور سڙي چڪو هو. پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فائر برگيڊ جي عملي کي باهه لڳڻ جو بر وقت اطلاع نه ڏنو ويو هو. گلشن اقبال فائر اسٽيشن کي باهه لڳڻ جو اطلاع 6 لڳي 29 منٽن تي ڏنو ويو، مئنيجر پاران چوٿين فلور جي مالڪن کي باهه لڳڻ جو اطلاع 7 وڳي ڏنو ويو، جڏهن فائر برگيڊ پهتي ته عمارت جي ٽئين ۽ چوٿين ماڙ باهه ۾ سڙي رهيون هيون. فائر برگيڊ کاتي پاران تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته شاپنگ مال اندر عوام جي تحفظ جو ڪو به سسٽم موجود نه هو، واضح رهي ته  25 نومبر تي شاپنگ مال جي عمارت کي باهه لڳڻ جي واقعي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونل قائم

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران  رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ ٽربيونل قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇهن ججن تي ٻڌل ٽربيونل جوڙي ورتو آهي. جسٽس عدنان ڪريم، جسٽس ارشد حسين ۽ جسٽس خادم حسين ڪراچي ۽ حيدرآباد بابت اپيلن تي  ٻڌڻي ڪندا. جسٽس ارشاد علي ۽ ذوالفقار سانگي سکر ۾ داخل اپيلن تي ٻڌڻي ڪندا، لاڙڪاڻي ۾ داخل اپيلن ته جسٽس سليم جيسر ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن تي ٻڌڻي ڪندو

ڪراچي ۾ ٻارڙيءَ سان غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻارڙيءَ سان غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ٻارڙيءَ جي والد جي شڪايت تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ٻارڙيءَ جو مائٽ آهي، ٻارڙيءَ سان غير اخلاقي حرڪت جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي آهي، جنهن ساڻس غير اخلاقي حرڪتن جون شاهديون مليون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.