ميھڙ( رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ام رباب چانڊيو پنھنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آھي ته مون سميت اسان جي سموري چاھيندڙن ۽ مظلومن وٽ اھو سوال آھي ته اسان جو ڪيس ڇو نه پيو ھلي جج جي اچانڪ بدلي ھڪ سوال آھي مان قانون ۽ آئين تي يقين رکندي طاقتور سردارن خلاف ڪيس لڙي رھي آھيان ۽ سردارن خلاف جدوجھد ڪريان پئي ھن چيو ته گذريل ڏينھن 23 ڊسمبر تي اسان جي ڪيس جي تاريخ ھئي پر جج نه ھيو اسان جي ڪيس ۾ دير ڪئي پئي وڃي مان آخري دم تائين وڙھندي رھنديس ھن چيو ته جيڪو به جج ايندو ان مان انصاف جي اميد آھي ايندڙ جج به قانون ۽ انصاف جي پائيداري ڪندو ان اميد سان ڪورٽ وينداسين ته اسان کي جلد انصاف ملندو ايندڙ جج به آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندو ماڻھو مون سان گڏ آھن اھو ثابت ٿي چڪو آھي تي ھي ڪيس صرف اسان جو نه سڀني مظلوم ماڻھن جو ڪيس ۽ اسان جو مقدمو مظلوم ماڻھن جو مقدمو آھي .
ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جو جج بدلي، ام رباب جو ڪيس نه هليو
دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ٿي وئي. عدالت جو جج نئون مقرر نه ٿيڻ ڪري ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي. ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻو پ پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ اڳوڻو پ پ پ ايم اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، ڪيس جي پوئواري ڪندڙ ڌر مان ڪو به عدالت ۾ نه پهتو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار احمد خان چانڊيو چيو ته الزام ڪوڙا آهن نيٺ ڪوڙ کٽندو 2 شاهد هن مهل تائين هلي چڪا آهن اڃان وڌيڪ شاهد موجود آهن جن کان آڏي پڇا ڪئي ويندي.