قيمتي زمينون وڪرو ڪرڻ ملڪ جي ڪک ۾ خنجر هڻڻ برابر آهي:لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش  خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي ۽ مهراڻ سنڌي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جوهي برانچ سميت سنڌ جي سمورن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏنل 200 ارب رپيا واپس وٺي اهي پئسا هارين ۽ آبادگارن کي جديد زرعي مشينري خريدڻ لاءِ ڏنا وڃن، عالمي مالياتي ادارن کان ورتل قرضن جون قسطون ڀرڻ مشڪل بڻيل آهن، اهڙي صورتحال ۾ کربين رپيا ڪمپنين کي ڏيڻ معاشي طرح ملڪ جي ڪک ۾ خنجر هڻڻ جي برابر آهي. نگران سرڪار ملڪ جي ناڻي، زمينن ۽ وسيلن کي چوري جو مال سمجهي وڪڻي رهي آهي، ملڪ جا حڪمران عوام کان زمينون ڦري غير ملڪي سرمائيدارن ۽ عسڪري ادارن ۽ انهن سان لاڳاپيل ڪمپينن کي ڏيڻ جي سازشن ۾ مصروف آهن، سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف عوامي تحريڪ پاران اڄ سانگهڙ شهر  ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.