سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ خلاف داخل درخواست واپس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ  حسن اڪبر کي  عهدي تي برقرار رکڻ  خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواست واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته سنڌاسمبلي جي مدي پوري ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي به استفعي ڏيڻ گهرجي، استعفيٰ ته ڪجهه ماڻهن کي ڏيڻي پوندي آهي پر انهن به نه ڏني، هي آمريڪا نه آهي، اهو سڀ ڪجهه آمريڪا ۾ ٿيندو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نگران حڪومت روزاني جي بنياد تي ڪم ڪري رهي آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ صوبائي وزير جي مساوي عهدي کي انجواءِ ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته نگران حڪومت جو ڪم کاڌو پچائڻ ته نه آهي، سرڪار ڪم ڪري رهي آهي ته نگران حڪومت به ڪم ڪري رهي آهي ، ٻڌايو وڃي ته هي ڪهڙي قانون ۾ لکيو آهي ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌکي حڪومت ختم ٿيڻ سان عهدو ڇڏڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.