لنڊن پلان آهي ته چونڊن جي تاريخ اها هجي جيڪا نواز شريف چاهي ٿو: اعتزاز احسن

اسلام آباد ( م ڊ ) سينيئر وڪيل اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته لنڊن پلان آهي ته چونڊن لاءِ اها ئي تاريخ هجي جيڪا نواز شريف چاهي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا  سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ن ليگ چونڊن کان ڀڄڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته بارز جي پڌرائي هڪ جهڙي آهي، سندن مک اڳواڻ اعظم نذير تارڙ آهي. هن چيو ته هاڻي چيف اليڪشن ڪمشنر تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي، حملو ڪيو پيو وڃي. اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته هي ٺڳي سڌو اعظم نذير تارڙ ۽ نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر کي هٽايو ويو ته اليڪشن ۾ دير ٿي سگهي ٿي، سندس ايندڙ قدم آهي ته طارق مسعود اچي.

  • شهباز شريف پاران ڪراچي مان نامزدگي ڪاغذ وصول

ڪراچي (  م ڊ ) عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز  شريف ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مصطفيٰ ڪمال اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اميدوار صبح 8:30 وڳي کان شام 4:30 وڳي تائين ڪاغذ حاصل ڪري سگهندا. اميدوار 20 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا، اميدوارن جي شروعاتي فهرست 23 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 24 کان 30 ڊسمبر تائين ٿيندي، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا. عام چونڊن لاءِ پولنگ 8 فيبروري تي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.