ميمڻ ڳوٺ واسي 3 پورهيت شاهه فيصل ڪالوني ڀرسان حادثي ۾ فوت

کوکراپار (ن ع آ) فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ميمڻ ڳوٺ  واسي 3 نوجوان شاھ فيصل ڪالوني ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي ويا، حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار پورهيت  وهاب، محڪوم ۽ افضل فوت ٿي ويا، شاھ فيصل ڪالوني ڀرسان حادثي جو شڪار ميمڻ ڳوٺ واسي ٽي نوجوان وھاب مري بلوچ محڪوم مري بلوچ ۽ افضل آرائين جيڪي ميڊي پلس ڪمپني ۾ ملازمت ڪندا ھئا، فيڪٽري کان گهر موٽندي شاهه فيصل ڪالوني ويجهو بس جو ٽڪر لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 نوجوان عرفان آرائين مظهر آرائين سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيندڙ نوجوان پورهيتن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي بعد گهر آندو ويو جتان پورهيت محڪوم مري ۽ وھاب مري بلوچ کي اباڻي ڳوٺ ڪنڊيارو ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ سوين آلي اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته بس ڊرائيور کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.