ڊي ايس پي کي ڪلين چٽ، ايس ايس پي عمران قريشي ذميوار قرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي ايس پي  عمير طارق باجاريءَ خلاف جاچ ڏکڻ ضلعي کان اوڀر منتقل ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل، پبلڪ  پراسيڪيوٽر ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جاچ ٻئي ضلعي منتقل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، عدالت انڪوائري منتقل ڪرڻ بعد درخواست اڪلائي ڇڏي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه جي عدالت ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي هڪ لک رپين جي عيوض ضمانت منظورڪري ورتي، جوابدار عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي، 2ڪروڙن کان وڌيڪ ڦرلٽ جو الزام آهي، جڏهن ته واپاري جي گهر مان پوليس اهلڪارن جي ڌاڙي جي سلسلي ۾ ڊي ايس پي کي ڪلين چٺ ڏني وئي آهي،  اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان پوليس اهلڪارن طرفان ڌاڙي متعلق ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ويسٽ ڊي ايس پي عمير باجاري کي ڪلين چٺ ڏئي ڇڏي آهي، ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر جي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل اڪروٽني نوٽ سامهون اچي ويو، ان ۾ پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته دستياب رڪارڊ سان عمير باجاري جو واردات سان ڪو به تعلق نٿو ٺهي، ڊي ايس پي عمير کي ڪنهن ڏوهه جو ذميوار ناهي ڏٺو ويو، اسڪروٽني نوٽ ۾ چيو ويو ته واقعي جو ڪيس ٻن ڏينهن دير سان داخل ٿيو ۽ ان جو ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو، ان ۾ اهو به چيو ويو ته ڇاپي جو پورو منصوبو عمران قريشي جو آهي، ان جي گاڏي استعمال ٿي، ايس ايس پي عمران قريشي کي ذميواري کان آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي، اسڪروٽني نوٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس ايس پي عمران جو بيان ٻڌائي رهيو آهي ته هُن ڇاپي جو حڪم ڏنو، اطلاع ڏيندڙ ماڻهو ڇاپي وقت موجود هئا، انهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.