نگران وزير پاران ڊي ايڇ اوز ۽ اسپتال سربراهن خلا ف ڪارروائي جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران  صحت واري وزير سعد خالد نياز طرفان ڪتي جي چڪ ۽ نانگ ڪکڻ جي ويڪسين جي سرڪاري ۽  خانگي سطح تي موجودگي جي انگن اکرن ۾  فرق تي ڊي ايڇ اوز ۽ اسپتالن جي سربراھن خلاف ڪارروائي جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي. صحت کاتي پاران ويڪسين جي اسپتالن ۽ مارڪيٽ ۾ موجودگيءَ بابت انگ اکر جاري ڪيا ويا. ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ سنڌ پاران نگران صوبائي وزير صحت سنڌ کي موڪليل رپورٽ ۾ آگاھ ڪيو ويو آھي ته سرڪاري اسپتالن ۾ 2955 انسولين جا وائلز، 84252 اي آر وي جا وائلز، اينٽي ھائيپر ٽينسو ڊرگز جو انگ 2003967 موجود آھن، جڏھن ته اوپن مارڪيٽ ۾ اينٽي ھائپر ٽينسو ڊرگس جا 187138 پيڪ، اي آر وي وائلز جا 20700 ۽ انسولين جا 23486 وائلز موجود آھن. رپورٽ موجب صحت کاتي جا 1411 صحت سھولت مرڪز آھن، صحت کاتي جي ترجمان موجب انگ اکر ڊي ايڇ اوز سميت لاڳاپيل اسپتالن جي سربراھن کان حاصل ڪيا ويا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.