جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته 6 جنوري کان گرفتاريون ڏينداسين : پي ايف يو جي

ڪراچي ( رپورٽر  ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ، سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سال 2024 صحافين جي تحفظ جو سال طور ملهائڻ ۽  شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ 6  جنوري تي سکر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾گرفتاريون ڏيڻ جي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ صحافين جي ڇانٽين خلاف پي ايف يو جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ مظهر عباس، خورشيد عباسي، امتياز فاران، فاضل جميلي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، بلقيس جهان ۽ ڪشمير جي صحافي اڳواڻ شاهد قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري نه ڪري اهيو پيغام ڏنو پيو وڃي ته قلم ۽ ڪيمرا کي رياست جي تابع بڻايو. هنن چيو ته جان محمد مهر جي قتل کي 4 مھينا گذري چڪا آهن پر سنڌ جي نگران وڏي وزير سميت سموري سنڌ پوليس ڄاڻي واڻي هن مسئلي کي نظر انداز ڪري رهي آهي. پي ايف يو جي اڳواڻن چيو ته پي ايف يو جي طرفان سال 2024 کي صحافين جي تحفظ جو سال ۽ جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ 6 جنوري تي سکر ڪنوينشن ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جيان سموري سنڌ ۾ صحافين جي گرفتاري جي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.