اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد ٻاڙائي، ڊالر 20 پئسا سستو

ڪراچي ( م ڊ )  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انتهائي ناڪاري ڪاروباري ڏينهن رهيو ۽ 100 انڊيڪس ۾ 2371 پوائنٽن جي گهٽتائي  ٿي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 2771 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار بند ٿيڻ تي هينڊريڊ انڊيڪس 2371 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 62833 جي سطح تي بند ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هڪ ارب 51 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي ماليت 29 ارب رپين کان وڌيڪ هئي. ٻئي پاسي ملڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو اگهه وڌڻ جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر 20 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 283 رپيا ٿيو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 25 پئسا گهٽجڻ سان 284 رپيا 25 پئسا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.