گڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڪٻاڙ جي دڪان اندر ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور ويجھو گڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڪاٻاڙ جي دڪان اندر دستي بم ڌماڪو ڌماڪي جي نتيجي ۾ ھڪ  ڄڻو دڪان مالڪ 26 ورھين جو امان الله پٺاڻ مارجي ويو ٻيو نوجوان مزدور عبدالله سولنگي زخمي ٿي پيو فوت ٿيل نوجوان جو مڙهه سندس وارث گھر کڻائي ويا زخمي نوجوان کي گڊو جي نجي اسپتال نيو ويو جتي علاج ھلندڙ آهي دڪان تي ڪم ڪندڙ مزدور محمد شريف  ٻڌايو ته اسين ھر روز جيان پنھنجي دڪان تي ڪم ڪندا پيا ھئا سين ته منھنجي سيٺ کي ڪنھن ڪم خاطر گدام مان سريا کپن پيا جيڪي کڻڻ لاء دڪان جي ٻٺين پاسي کان گدام مان کڻڻ لاءِ ويو جنھن بعد ھڪ زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ مان گدام طرف پھتل جتي امان الله زخمي ٿيل پيو ھو جنھن جو سر سندس جي ڌڙ کان دار ٿيل ھو ۽ عبيدالله سولنگي زخمي ٿيل ھو، جڏھن ته ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو ۽ پاڙي وارا ماڻھون پنھنجي گھرن کان خوف ۾ ٻاھر نڪري آيا، ذريعن موجب ڌماڪو دستي بم جو آهي، گڊو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي دڪان کي سيل ڪري ڇڏيو، پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي ته معاملي جي جاچ ڪيون پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.