سکر، حيدرآباد موٽر وي اسڪينڊل ۾ چئن جوابدارن جي ضمانت منظور

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ سکر-حيدرآباد موٽروي جي تعمير لاءِ زمين جي خريداري جي مد ۾ رکيل رقم ۾ ڪرپشن  ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ گرفتار 18 جوابدارن کي جيل مان عدالت آندو ويو، ڪيس ۾ دليل ۽ شاھدي کانپوءِ عدالت ٻڌڻي 3 جنوري 2024 تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران  نوشھروفيروز سيڪشن ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن ڊپٽي ڪمشنر جي اڪائونٽنٽ رستم کوسو، پي اي عزيز انصاري، حقاني سھتو ۽ عرفان خان جي ضمانتن بابت وڪيلن دليل ڏنا جنھن بعد عدالت چئني جوابدارن جون 5/5 لک رپين عيوض ضمانتون منظور ڪري ڇڏيون، ٻڌڻي دوران سنڌ بينڪ جي ايريا مئنيجر تابش شاھه ۽ ذيشان سھتو جي ضمانت واري درخواست تي نيب جي جاچ آفيسر مھلت طلب ڪندي درخواست ڏني، عدالت جاچ آفيسر جي اھا درخواست منظور ڪندي ٻنھي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.