سنڌ- بلوچستان ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽيءَ  جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري  پنهنجن ويجهن ساٿين کي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي، نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته سرفراز بگٽي  کي به بلوچستان  جو وڏو  وزير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته  سرفراز بگٽي اسٽيبلشمينٽ جو ويجهو ماڻهو آهي ان ڪري آصف زرداري ان کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو آهي، جيئن اسٽيبلشمينٽ سان سرفراز بگٽي ذريعي معاملا بهتر ڪري سگهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ويجهن دوستن کي اهو به ٻڌايو آهي ته  ڪي پي ۾ پرويز خٽڪ، مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي گڏجي حڪومت ٺاهيندا. جڏهن ته وفاقي حڪومت جي قيام ۾ به پيپلز پارٽي جو اهم ڪردار هوندو پر پنجاب ۽ وفاق جي حڪومت ن ليگ وٽ هوندي، ذريعن کان مليل ڄاڻ آهي ان ڪري حتمي نه آهي. ايندڙ وقت ٻڌائيندو ته حڪومت سازي جي ونڊ ورڇ ڪيئن ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.