چونڊون ڪرائينداسين پر نتيجن تي ڪجهه نٿو چئي سگهجي: وزيراعظم

ڪوئيٽا(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته تشدد کي جواز بڻائي ان کي انساني حقن جو نالو ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾  ابل قبول ناهي،حڪومت قانون تحت ڪنهن تي به پابندي هڻي سگهي ٿي ڪوئيٽا ۾ شاگردن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته سماج ۾ ٻولي، مذهب ۽ نسل جي نالي تي ٽولا ٺاهڻ وارا جواز ته ڏين ٿا پر ڪو به جواز ناهي، هن  چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ سمورا شهري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ ڪنهن تي به پابندي ناهي.نگران وزيراعظم نوجوان بالاچ جي قتل جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي پر ڪوسٽل هاءِ وي تي 15 ڄڻا سڙي ويا، ڪنهن به آواز نه اٿاريو،هن چيو ته جيڪڏهن اسان چونڊون نه ڪرايون ها ته داغ لڳن ها، چونڊون ڪرايون وينديون ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊ ڪرائيندي، پر ان جي نتيجن بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي،هن چيو ته اليڪشن جي داغدار ۽ غيرداغدار هئڻ جي حوالي سان ڳالهين کي اهميت نٿو ڏيان، سڀ ڏينهن ڳڻي رهيا آهن ته ڪاڪڙ ڪڏهن ويندو، اسان ۽ توهان جو احترام جو رشتو آهي، ٽوڪ ڪرڻ مناسب ناهي

اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر به جعلي نوٽ نه سڃاڻي سگهيو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ 5 هزارن جا جعلي نوٽ پيش ڪيا ويا، جيڪي اسٽيٽ  بئنڪ جو ڊپٽي گورنر به نه سڃاڻي سگهيو.سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ڪميٽي اجلاس ۾ 5 هزار رپين جا جعلي نوٽ پيش ڪيا ويا، ڪميٽي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي به جعلي نوٽ ملي سگهي ٿو ته عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟ ڪميٽي ميمبرن چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي کي طلب ڪري بريفنگ ورتي وڃي، جنهن تي اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ جي خاطري ڪرائي،سليم مانڊوي والا چيو ته  جعلي نوٽ بئنڪن مان ئي اچي رهيا آهن،اسٽيٽ بئنڪ وٽ ڪو حل ناهي

عمران خان سائفر ڪيس جي ڪارروائي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ )  پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان فرد جرم سميت سائفر ڪيس جي هن وقت تائين جي ڪارروائي  کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جنهن تي اعتراض لڳائي اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر ۽ سڪندر ذوالقرنين طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سائفرڪيس ۾ هن وقت تائين هلندڙ ڪارروائي کي غير قانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏئي. پي ٽي آءِ جي باني کي بري ڪيو وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 23 نومبر کان ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي غير قانوني ۽ انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.