افضل مروت ۽ عثمان ڊار اصل قوتن جو نالو وٺڻ کان ڊڄن ٿا

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف وارا انهن قوتن جو نالو وٺڻ کان ڊڄن ٿا جيڪي سندن  خلاف ڪارروائي ڪن ٿا. جڏهن ته شير افضل مروت ۽ عثمان ڊار کي خبر آهي ته ڪير سندن  خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ ڇو ڪري رهيا آهن، نامياري صحافي  سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته عثمان ڊار ۽ عمر ڊار سياست کان توبهه تائب ٿي چڪا آهن هاڻي انهن پنهنجي امڙ  ريحانا امتياز ڊار کي چونڊ وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿو آهي. جنهن کانپوءِ سامهون بيٺل اميدوار خواجه  آصف تي حملي جا الزام هڻي ان خلاف ڪريل ٻولي ڳالهائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ عثمان ڊار کي خبرآاهي ته جن کيس سياست کان توبهه ڪرائي اهي ئي سرگرم آهن، پر عثمان ڊار ۽ عمر ڊار انهن قوتن جو نالو وٺڻ کان ڊجن ٿا، ساڳي طرح  شير افضل مرورت به اصل قوتن جو نالو وٺڻ بدران مريم نواز تي الزام هڻي رهيو آهي، هوڏانهن صحافي ڪامران  خان جو خيال آهي ته جهرلو اليڪشن 8 فيبروري تي يقيني بڻائڻ کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينيج ۾ ٻاڙائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا همنوا اصل ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سرگرم آهن،  جڏهن ته ڪرسمس جي تقريب سبب عالمي مارڪيٽ  ۾ لاٿ آهي جنهن جو اثر پاڪستان تي پيو آهي پر ڪامران خان کي چونڊون يقيني ٿيڻ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاٿ نظر اچي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.