ڊي سي ڏکڻ جي عوام کي خوشخبري، ڪراچي ۾ پهريون عالمي ثقافتي کاڌن جو ميلو لڳندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو ڪراچي ۾ کاڌن جي شوقينن کي وڏي خوشخبري ٻڌائيندي ضلعي انتظاميا پاران پنهنجي نوعيت جو پهريون بين الاقوامي (برنس روڊ ثقافتي کاڌن جو ميلو) منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ثقافتي کاڌن جو ميلو 22 ڊسمبر کان 25 ڊسمبر 2023 تائين رات 8 وڳي کان 3 وڳي تائين جاري رهندو.
ان سلسلي ۾ ڊي سي ڏکڻ ڪراچي عوام کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته سمورا ماڻهو ضلعي انتظاميا پاران پهرئين انٽرنيشنل برنس روڊ کاڌي جي شين جي ميلي ۾ شرڪت ڪن ۽ پنهنجي گهروارن ۽ دوستن جي موجودگي سان ان کي وڌيڪ ڪامياب بڻائين.
اهو فيسٽيول برنس روڊ فريسڪو چوڪ تي منعقد ڪيو ويندو، وڌيڪ معلومات لاءِ لاڳاپيل نمائندي جي ڏنل نمبرن 2866655-0333 ۽ 3746686-0323 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.