ڊي جي ڪي ڊي اي جي هدايتن تي حددخلين خلاف آپريشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي ڪي ڊي اي نويد انور جي خاص هدايتن تي ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو.
هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن تي عمل ڪندي ڊائريڪٽر اسٽيٽ اينڊ انفورنسمينٽ ارشد عباسي جي سربراهي ۾ لانڍي ٽائون ۾ حددخلين خلاف وڏي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.
ڪارروائي دوران مشينري ۽ افرادي قوت جو ڀرپور استعمال ڪيو ويو، لانڍي بابر مارڪيٽ تي قائم ڪيترائي غير قانوني دڪان، آفيسون ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي ڪي ڊي اي جي ايراضي کي آجو ڪرايو ويو.
ڪراچي ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب ڊي جي نويد انور جي هدايتن تي سرڪاري ايراضين تي غير قانوني اڏاوتن جي نشاندهي ڪري انهن کي هنگامي بنيادن تي مسمار ڪرڻ جو عمل جاري آهي، حددخلين خلاف ڪارروائي دوران ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي.
آپريشن دوران ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسٽيٽ انفرونسمينٽ جميل احمد بلوچ، رحمت شاهه، شهزاد، مختيار ڪار لانڍي، ٻيا آفيسر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.