”پاڪستان بلاڪ پاليٽڪس بدران دوست ملڪن سان متوازن لاڳاپن تي يقين رکي ٿو“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان بلاڪ پاليٽڪس تي يقين نٿو رکي ۽ سڀني دوست ملڪن سان متوازن لاڳاپا برقرار رکڻ تي يقين رکون ٿا.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا ميمبرن سان خاص ملاقات ۾ آرمي چيف علائقائي سلامتي، عالمي دهشتگردي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽيجڪ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پاڪستان جي نظريي کي اجاڳر ڪيو.
هن ڪشمير مسئلي کي اتان جي عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
آرمي چيف غزا ۾ فوري طور جنگبندي تي زور ڏيندي چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻه رياستي حل ضروري آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ عوام جي حمايت سان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.