نواز شريف سان شير افضل مروت مقابلو ڪندو

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جو اڳواڻ شير افضل مروت لاهور  ۾ نواز شريف سان مقابلو ڪندو، جڏهن ته لطيف کوسا ن ليگ اڳواڻ اياز صادق سان مقابلو ڪندو نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ فيصلو ڪيوآهي ته ناميارو  وڪيل سلمان اڪرم راجا ن ليگ جي سعد رفيق سان مقابلو ڪندو، جڏهن ته صوبائي تڪ پي پي 150 تي مريم نواز سان جيل ۾ قيد صنم جاويد پي ٽي آءِ ٽڪيٽ تي مقابلو ڪندي، پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان جو چوڻ آهي ته  پي ٽي آءِ اميدوار  عمران خان جي تصوير کڻي چونڊ وڙهندا ۽ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا. گوهر خان اها ڳالهه شايد ان  ڪري ڪئي آهي ته کيس خدشو آهي ته متان پي ٽي آءِ کان بيٽ جو نشان کسجي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.