سرڪاري رهائش گاهن جي مرمتي رٿائن ۾ ڪروڙين رپين جو غبن

ڪراچي(رپورٽر ) ورڪس کاتي ۾ اعليٰ سرڪاري اختيارين جي رهائش گاهن تي مرمتي ڪمن واري منصوبن ۾ مبينا طور جعلي ورڪ  آرڊرن تي ڪروڙين روپين جي غبن جو انڪشاف ٿيو آهي. تفصيل موجب ورڪس اينڊ سروس کاتي جي انجنيئرن پاران سنڌ جي اعليٰ اختيارين جي رهائشگاهن تي مرمت وارن منصوبن ۾ به سيپرا رولز جي ابتڙ مبينا طور تي 21 جعلي ورڪ آرڊرن تي وڏي رقم ڪڍرائي ورتي آهي. هٿ آيل دستاويزن موجب ته ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۽ ضلعي ڪورنگي ۾ قائم سرڪاري گھرن جي مرمتي ڪم ڪرائڻ جو جواز ڄاڻائي 21 جعلي ورڪ آرڊرن ذريعي رقم ڪڍرائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.