اسٽيبلشمينٽ جي 8 فيبروري تي چونڊن کان ڀاڄ،آمريڪا کي مڃائڻ لاءِ جتن

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ لڪ لڪوٽي جاري آهي، فوجي اسٽيبلشمينٽ 8 فيبروري تي  چونڊون نٿي چاهي پر سپريم ڪورٽ جو حڪم رنڊڪ بڻجي ويو آهي، ٻيو ته معيشت جي صورتحال بهتر ڪرڻي آهي ٽيو افغانستان جو معاملو به مٿي جو سور بڻيل آهي، چوٿون پوائنٽ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون آهي، ناليواري وي لاگر اسد علي طور چيو ته ملٽري اسٽيبلشمينٽ آمريڪا کان اهو  چاهي ٿي ته آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط ملي وڃي ۽ چونڊن کان بغير هڪ ٻيو آءِ ايم ايف پروگرام شروع ڪيو وڃي، ڇو ته آءِ ايم ايف پاران گهڻي سختي آهي ته توهان کي چونڊن ۾ دير ناهي ڪرڻي پهرين به آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي ئي سپريم ڪورٽ کي چونڊن جي تاريخ ڏني وئي هئي، قسط جاري ڪرڻ جو وقت آيو ته اڳ ۾ چونڊن ۾ دير جا افواهه پکڙيا ويا، جنهن تي عالمي مالياتي اداري ان فيصلي کي رد ڪيو، بائيڊن انتظاميا چونڊن ۾ دير جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي مستقبل ۽ شخصي آزادين بابت آمريڪين کي ڪا به ڳڻتي ناهي،هن چيو ته  ملٽري اسٽيبلشمينٽ اهو ڏسي رهي آهي ايندڙ آمريڪي چونڊن ۾ ٽرمپ ٻيهر واپس اچي سگهي ٿو، ٽرمپ چونڊ کٽي ته هو عمران خان لاءِ ضرور لب ڪشائي ڪندو،آرمي چيف اهليت، صلاحيت ۽ ڪردار کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي، اڄڪلهه عمران خان جي ڪردار جي حوالي سان ميڊيا ۾ گهڻو ڪجهه هلي رهيو آهي، هن جو ڪردار خراب آهي،پي ٽي آءِ پنهنجي اميدوارن کي هدايت جاري ڪئي آهي ته توهان کي آزاد حيثيت ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، خاموشي سان اميدوار چونڊيا پيا وڃن، ان جي خبر ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي به آهي اها اهو سڄو عمل ڏسي رهي آهي، شهري علائقن ۾ پي ٽي آءِ پولنگ ڏهاڙي تي گهڻو سرپرائز ڏئي سگهي ٿي، ملٽري اسٽيبلشمينٽ ٽيليگرام گروپن ۾ پنهنجا ماڻهو شامل ڪري پي ٽي آءِ جي جاسوسي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي،پي ٽي آءِ پنجاب ۾ مختلف ايپس ذريعي پنهنجي ماڻهن کي ري گروپ ڪري ڇڏيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.