رڪاوٽن، سختين، ڪيسن باوجود بلوچن جي لانگ مارچ جي تونسا ۾ تاريخي آجيان

ڊيراغازي خان(م ڊ)تربت ۾ بالاچ بلوچ جي شهادت،گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۽ عدالت کان مٿانهن قتلن خلاف  سمي دين بلوچ ۽ ماه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ لانگ مارچ سموريون رڪاوٽون پار ڪري ڊي جي خان کان تونسا پهچي ويو، مارچ ۾ هزارين ماڻهو شريڪ آهن، مارچ ۾ ”تون قتل ڪندين، اسان نڪرنداسين“ بلوچ نسل ڪشي بند ڪريو“ جا نعرا هنيا ويا،ماه رنگ بلوچ چيو ته رياست جي سمورين ڌمڪين ۽ سازشن باوجود اسان جو لانگ مارچ هن وقت ڊي جي خان کان روانو ٿي چڪو آهي، عوامي طاقت کي دنيا جي ڪا به طاقت شڪست نٿي ڏئي سگهي، ان کان اڳ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آءِ خان ۾ پيدل لانگ مارچ کان اڳ انتظاميا کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو ٽرانسپورٽرن جي اڳيان رڪاوٽون هٽائي. اڄ تونسا ۾ جلسو ٿيندو جنهن ۾ تونسا جي غيور بلوچن کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا، سينئر صحافي عاصمه شيرازي چيو ته مارچ جتان جتان گذريو آهي اتي انهن خلاف ايف آءِ آرز داخل ٿيون آهن،ڊي جي خان ۾ مارچ جو شاندار آجيان ٿيو،اهو لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيو آهي، رياست کي انهن جي مطالبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ جبري گمشدگيون، بلوچ شاگردن جي وٺ پڪڙ،،ڪوڙا پوليس مقابلا ۽ ٻيا مطالبا شامل آهن، هن چيو ته رياست ماءُ وانگر آهي، ايف آءِ آرز واپس وٺڻ گهرجي، جان اچڪزئي چيو ته لانگ مارچ جا سمورا مطالبا تسليم ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري ان مارچ کي ڊيگهه ڏيڻ جي ضرورت ناهي ،ٻئي پاسي ٽوئيٽر صارف شفيق احمد ايڊووڪيٽ لکيو ته بالاچ بلوچ جي شهادت کانپوءِ تربت مان اٿيل دونهون ڀڀڙ بڻجي تونسا پهچي چڪو آهي ۽ اها تحريڪ ٻڌائي ٿي ته هاڻي ظلم جا ڏينهن ٿورا آهن، جاويد مينگل لکيو ته سامراجي قوتن پاران ڇڪيل لڪير ۽ تقسيم کي بلوچ قوم هميشه رد ڪيو آهي، بلوچ نسل ڪشي ۽ جبري گمشدگين خلاف جاري لانگ مارچ جي ڊي جي خان ۽ تونسا ۾ هزارين ماڻهن جي استقبال ۽ شرڪت ثابت ڪري ڇڏيو ته بلوچ نوري نصير خان جا پيروڪار آهن،سينئر صحافي رياض سهيل لکيو  ته بلوچستان جي جبري گمشدگين خلاف اهو ٻيو مارچ آهي، ماه رنگ بلوچ ۽ سمي بلوچ جي قيادت ۾ اهو مارچ نوجوانن تي مشتمل آهي ،جن جو آواز به توانو آهي انهن بلوچ بيانئي کي پنجاب جي بلوچن سان گڏ به جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان مارچ کانپوءِ بلوچستان مان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پارٽين کي هن اشو تي خاموشي ٽوڙڻي پوندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.