ڪالعدم بي اين اي جو ڪمانڊر 70 ساٿين سوڌو قومي ڌارا ۾ شامل

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪالعدم بلوچ نيشنل آرمي (بي اين اي) جو اڳوڻو ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بي اين اي جي اڳوڻي ڪمانڊر سرفراز بنگلزئي انڪشاف ڪيو ته بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ لاءِ ڀارت فنڊنگ ڪندو آهي، منشيات فروشي، ماڻهن کي اغوا به ڪيو ويندو آهي.
سرفراز بنگلزئي چيو ته ڪجهه ماڻهو ناپاڪ مقصدن لاءِ بلوچ مائرن، ڀينرن ۽ بلوچ نوجوانن کي رياست خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، جنگ ۾ عورتن کي به ڌڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي سرزمين کان پري رهڻ تي پڇتاءَ کانسواءِ ڪجهه ناهي، هتي اچي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، باقي ماڻهو به ان انتظار ۾ آهن ته رياست انهن جي آجيان ڪندي.
سندس چوڻ هو ته وڏا نقصان ٿيا آهن، والدين کي به پيغام آهي ته ٻارن کي اهڙي ماحول کان پري رکن، بندوق مسئلي جو حل ناهي، والدين ٻارن کي تعليم ڏين.
ان موقعي تي جان اچڪزئي چيو ته بي اين اي ڪمانڊر 70 ساٿين سميت قومي ڌارا ۾ شامل ٿيو آهي، بغاوت ڇڏي واپس ايندڙن جي رياست آجيان ڪندي، غلط فهميون ۽ وڇوٽيون ختم ٿيڻ گهرجن، پاڪستان جي ترقي بلوچستان سان جڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.