عمران خان ٽن تڪن تان چونڊ وڙهندو: پي ٽي آءِ چيئرمين جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ٽن تڪن مان چونڊ وڙهندو، ميانوالي، لاهور ۽ اسلام آباد جي تڪن مان ان جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائينداسين.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان فري ايند فيئر چونڊون چاهيون ٿا، اسان جو ڪو اهڙو مطالبو ناهي ته اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي، اسان هر هر چئي رهيا آهيون پر ڪنوينشن ڪرڻ نه پيا ڏنا وڃن، جيڪڏهن 25 ڪروڙ عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته چيف جسٽس کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته نواز شريف امپائر سان گڏجي کيڏندو آهي، هن ڀيري اسان جي اميدوارن کي ميدان ۾ لهڻ ئي نه پيو ڏنو وڃي، اسان جي ماڻهن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته عمران خان کان سڀاڻي نامزدگي ڪاغذن تي صحيحون ڪرائينداسين، مون کي اڄ جيل ۾ سادو ڪاغذ کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏئي، خدشو آهي ته اسان جي ماڻهن کي روڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي وينديون ۽ اسان نٿا چاهيون ته حالتون خراب ٿين، جڏهن ته ٽڪيٽن بابت عمران خان سان مشاورت هلي رهي آهي، ان ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.