اليڪشن ۾ دير نٿا چاهيون، تڪبندين جو معاملو چونڊن کانپوءِ ڏسنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تڪبندين خلاف ٻڌڻي کان انڪار ڪندي لکت فيصلي ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هن وقت معاملو ڏٺو ته ڪيسن جي ٻوڏ اچي ويندي، جنهن سان چونڊ شيڊيول متاثر ٿيندو، سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جا بنيادي حق متاثر ٿيندا ۽ اسان چونڊن ۾ دير نٿا چاهيون.
اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ اڄ جاري ڪيو آهي.
جج اهو فيصلو بلوچستان جي ٻن ضلعن ۾ تڪبندين خلاف داخل درخواست تي ڏنو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ هڪ جج جو ڪردار جمهوريت ۽ آئين جي محافظ جو آهي، آزاد ۽ شفاف چونڊن سان ئي جمهوريت برقرار رهندي آهي، چونڊن بنا حڪومت کي جمهوري حڪومت نٿو چئي سگهجي، وقت تي آزاد ۽ شفاف چونڊون حقيقت ۾ آئيني جمهوريت آهي، چونڊن سان عوامي راءِ جو احترام ٿيندو آهي، قيادت عوام سامهون جوابده هوندي آهي.
فيصلي موجب چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ تائين سڀني ڪيسن جو فوري طور حل ضروري آهي، چونڊن ۾ دير يا چونڊن بابت ڪيسن ۾ دير سان چونڊ عمل ۽ جمهوري نظام تي عوامي اعتماد متاثر ٿيندو آهي، سياسي ماحول عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو آهي، تڪبندين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ته چونڊ شيڊيول متاثر ٿيندو، جيڪڏهن تڪبندين بابت درخواستون ٻڌيون ته ڪيسن جي ٻوڏ اچي ويندو.
جج فيصلي ۾ لکيو ته چونڊن لاءِ گهڙي جي سُئي اڳتي وڌي رهي آهي، جيڪڏهن هن وقت تڪبندين جو معاملو ڏٺو ته لکين سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جو بنيادي حق متاثر ٿيندو، عام چونڊن کي تڪبندين خلاف اعتراضن تي ترجيح ڏئي رهيا آهيون.
سپريم ڪورٽ چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻنهي تڪن ۾ پنهنجي تڪبندين تحت چونڊون ڪرائي، ڪيس عام چونڊن کانپوءِ ڏسنداسين، رجسٽرار آفيس ڪيس کي عام چونڊن کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.